سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص سرڪٽ بينچ ڪارونجهر ، کارسر جي ڪٽائي بابت درخواست ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور خاص سرڪٽ بئنچ ۾ ڪارنجهر، کارسر جي ڪٽائي بابت ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي.
عدالت جو چوڻ آهي ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، جنهن ڪري درخواست تي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهجي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ جو چوڻ هو ته پ پ سرڪار معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وڃي ڪارونجهر کي هيريٽيج واري معاملي ۾ رنڊڪ وڌي آهي.
هن چيو ته 5 آگسٽ تي عدالت کي ٻيهر درخواست ڪئي ويندي.