سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 14 ورهين کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي سرواڻ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا جوابدارن جي بريت خلاف 2010ع ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.
فريادي جا وڪيل پير مجيد، ظهير سومرو ۽ سجاد عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.
وڪيلن جي پينل فريادي نور محمد گوگا طرفان وڪالت ناما عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
عدالت فريادي جي اپيل تي ٻڌڻي ٽن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
ٽرائل ڪورٽ 2009ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد 20 پوليس آفيسرن کي بري ڪري ڇڏيو هو