تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي اغوا ٿيل نينگرين جي  بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي اغوا ٿيل نينگرين جي  بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل نينگري جي بازيابي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ايس ايس پي اوڀر انڪشاف ڪيو ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي گمشدگي ۾ هڪ مخصوص ٽوو ملوث آهي، جاچ لاءِ سي آءِ اي جي اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن ايڊيشنل آءِ جي کي خط لکيو آهي ته جاچ لاءِ سي آءِ اي جي مدد فراهم ڪئي وڃي. درخواستگذار موجب 5 سالن جي سيما 2022ع ۾ سهراب ڳوٺ مان گم ٿي وئي هئي. پوليس رپورٽ موجب نينگري جي گم ٿيڻ بابت اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو آهي. عدالت ايڊيشنل آءِ جي کي ڇوڪرين کي اغوا ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سي آءِ اي جي خاص ٽيم ٺاهڻ ۾ ناڪامي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي  رپورٽ طلب ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته نينگرين جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24 ° C
24 °
24 °
36 %
2.2kmh
70 %
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون