تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نوڪرين تي پابندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾  نئين ڀرتين خلاف اسٽي آرڊر ۾ 3 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نوڪرين تي پابندي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي ماتحت هلندڙ ادارن جا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.

جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ديڳ پچائي ۽ پنهنجن ۾ ورهائي ڇڏيو، واڪ ان انٽرويو جي بنياد تي نوڪريون نه هجڻ گهرجن.

هن چيو ته ميرٽ لسٽ مان گهٽ مارڪن وارا ڪڍي نوڪريون ڏيڻ وارو ڪيس هو ٻڌي چڪا آهن.

درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته جيَ ايس ٽي، پي ايس ٽي وارن جي نوڪرين جو  2021ع ۾ اعلان ٿيو هو، کين ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي، کين چيو ويو ته جڏهن ڪو رٽائر ٿيندو يا مرندو ته نوڪريون ملنديون.

جسٽس ظفر چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي اميدوار هاڻي ماڻهن جي مرڻ جو انتظار ڪندا؟ جيڪڏهن ويهه جايون خالي آهن ته ملازمت جو به اشتهار ويهن جو  ڏنو وڃي.

ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم چيو ته عدالت حڪم باوجود پوين تاريخن ۾ اپائٽمينٽ ليٽر جاري ڪيا ويا، سنڌ حڪومت جي ماتحت هلندڙ ادارن عدالتي حڪم تي عمل ناهي ڪيو، انهن کان جواب طلب ڪيو وڇي.

جسٽس ظفر چيو ته ان مسئلي جو حل اهو آهي ته پگهارون تڏهن ملنديون جڏهن بائيو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، هو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪن ٿا، ليٽر پويِن تاريخن ۾ جاري ٿي سگهي ٿو پر بائيو ميٽرڪ کان سواءِ پگهار جاري نٿي ٿي سگهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ حڪومت، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت جو چوڻ هو ته سمورا ادارا 15 ڏينهن اندر پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائين.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
47 %
4.6kmh
0 %
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون