- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت جاچ آفيسر کي ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟.
جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جا اجلاس جاري آهن، گم ٿيل ماڻهن جي سفري تفصيل به گڏ ڪيا پيا وڃن،
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جاچ عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا گهر ڀاتي عدالتن تي اميد ۽ اعتماد ڪري اچن ٿا، انهن کي مايوس نه ڪيو وڃي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
