سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ گٽڪي جي وڪري تي پابندي واري حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻي درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا.
عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
گٽڪي جي استعمال سبب وات جي ڪينسر ۾ مبتلا شهري محمد حامد انصاري طرفان داخل ڪرايل درخواست تي عدالت دليل طلب ڪري ورتا.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گٽڪي، ماوي ۽ مين پڙي جي وڪري ۽ تيار ڪرڻ تي ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن باوجود وڪرو ۽ خريداري جاري آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار گٽڪو ٺاهي وڪرو ڪيو پيو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽرن وات جي ڪينسر جو مک سبب گٽڪي، مائي ۽ مين پوري کي قرار ڏنو، پوليس گٽڪي جي تياري روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن تي پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
عدالت گٽڪي مائي ۽ مين پڙي جهڙين شين تي مڪمل پابندي لڳائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.