تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ گٽڪي جي وڪري تي پابندي واري حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻي درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. گٽڪي جي استعمال سبب وات جي ڪينسر ۾ مبتلا شهري محمد حامد انصاري طرفان داخل ڪرايل درخواست تي عدالت دليل طلب ڪري ورتا. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گٽڪي، ماوي ۽ مين پڙي جي وڪري ۽ تيار ڪرڻ تي ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن باوجود وڪرو ۽ خريداري جاري آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار گٽڪو ٺاهي وڪرو ڪيو پيو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽرن وات جي ڪينسر جو مک سبب گٽڪي، مائي ۽ مين پوري کي قرار ڏنو، پوليس گٽڪي جي تياري روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جنهن تي پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت گٽڪي مائي ۽ مين پڙي جهڙين شين تي مڪمل پابندي لڳائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
28 %
1.3kmh
93 %
جمعو
16 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون