تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي

سنڌ هائيڪورٽ ٻن ٻارن سميت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي 2 نومبر تي سنڌ جي گهرو کاتي واري سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هائيڪورٽ ٻن ٻارن سميت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

گم ٿيل شهري جي گهرواري چيو ته 8 ورهين کان مڙس گم آهي جتي هوءَ وڃي ٿي ڪير به نٿو ٻڌي، سندن ڪابه سفارش به ناهي.

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته هو ڪنهن جي سفارش ٻڌندا به ناهن، چاهي وزيراعظم ئي ڇو نه هجي.

عدالت چيو ته عدالت سمورن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

درخواست ڏيندڙ عورت چيو ته سندس مڙس ثاقب واٽر بورڊ جو ملازم هو سنڌ حڪومت 5 لک رپيا ادا ڪيا هئا

ايڊووڪيٽ عبداللطيف پاشا چيو ته هن مهانگائي جي دور ۾ پنجن لکن مان ڇا ٿو ٿئي.

عدالت سنڌ جي گهرو کاتي جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.

2 نومبر تي سنڌ جي گهرو کاتي واري سيڪريٽري اقبال ميمڻ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

عدالت جبري گمشدگي جي نشاندهي ۽ وارثن کي معاوضو ڏيڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون