3 گم ٿيل ماڻهو واپس گهر پهچي ويا، پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٽن شهرين جي بازياب ٿيڻ بعد درخواستون اُڪلائي ڇڏيون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي آهي.
پوليس ٽن گم ٿيل ماڻهن جي گھر واپسي بابت رپورٽ عدالت ۾جمع ڪرائي ڇڏي.
پوليس جو چوڻ هو ته گهر پهچندڙ شهرين ۾ قربان، راشد ۽ سعد الله شامل آهن.
پوليس وڌيڪ چيو تھ ، ٽئي شهري گلشن معمار جي علائقي مان گم ٿي ويا هئا.
عدالت ٽنهي شهرين جي بازيابي بابت درخواستون اُڪلائي ڇڏيون.
