سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر، ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي ضمانت ۾ 27 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمد سليم ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پ پ ايم اين اي سردار خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا. فريادي محمد يعقوب گڏاڻي به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت فريادي ڌر جو وڪيل صلاح الدين پنهور موجود نه هئڻ سبب جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 27 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. وڪيل مجيب ملاڻي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ برقرار رهندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
43%
1.8m/s
9%
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون