سنڌ هائيڪورٽ مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان کي عدالت رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ مصطفيٰ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته 6 جنوري تي مصطفيٰ کي اغوا ڪيو ويو، درخشان ٿاڻي جي پوليس مصطفيٰ جي والد جو بيان رڪارڊ ڪيو، اغوا کانپوءِ مصطفيٰ کي قتل ڪيو ويو.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته بنگلي جي جهڙتي ورتي ته بندوق هٿ آئي، جوابدار خلاف ٽي ڪيس داخل آهن، پهريان جوابدار جو جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت مان رمانڊ وٺڻ ويا ته رمانڊ نه مليو.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته ساڳئي ڏينهن دهشتگردي توڙ عدالت ۾ رمانڊ لاءِ جاچ آفيسر ويو ته عدالت رمانڊ نه ڏنو ۽ جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻيو ويو.
جوابدار جي گهران مقتول جو موبائل مليو، جوابدار جي نشاندهي تي فريادي جي گاڏي ملي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار خلاف اڳ ڪهڙو رڪارڊ آهي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار خلاف سي آر او