تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

سنڌ هائيڪورٽ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو ۽ نوٽيس جاري

سنڌ هائيڪورٽ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو ۽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان فيصلي جي آجيان ڪئي وئي، زين شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ منع نامو جاري ڪري متاثرن کي حوصلو ڏنو آهي، عدالتي حڪم سان ماڻهو بي گهر ٿيڻ کان بچي ويا آهن.

سنڌ هائيڪورٽ ۾ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت درخواست ڏيندڙن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ زمين جي مالڪي بابت ڪهڙا حق آهن، درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عاقب راڄپر موقف اختيار ڪيو ته هو علائقي جا رهواسي آهن، کين بي گهر ڪيو پيو وڃي، الاٽمينٽ جي صورت ۾ سندن زمينون کسيون وينديون.

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به زمين جا دستاويز اوهان وٽ آهن ته درخواست سان ڳنڍيو، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪاغذ جواب ۾ پيش ڪيا آهن.

هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان فيصلي جي آجيان ڪئي وئي.

زين شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ منع نامو جاري ڪري متاثرن کي حوصلو ڏنو آهي، عدالتي حڪم سان ماڻهو بي گهر ٿيڻ کان بچي ويا آهن.

زين شاهه چيو ته حڪومت ماڻهن کان ڇت کسي ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ جو منصوبو جوڙي رهي هئي، اميد آهي ته عدالت متاثرن کي تحفظ فراهم ڪندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
47 %
4.6kmh
0 %
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون