تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌ هائيڪورٽ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو ۽ نوٽيس جاري

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو ۽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان فيصلي جي آجيان ڪئي وئي، زين شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ منع نامو جاري ڪري متاثرن کي حوصلو ڏنو آهي، عدالتي حڪم سان ماڻهو بي گهر ٿيڻ کان بچي ويا آهن. سنڌ هائيڪورٽ ۾ هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست ڏيندڙن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ زمين جي مالڪي بابت ڪهڙا حق آهن، درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عاقب راڄپر موقف اختيار ڪيو ته هو علائقي جا رهواسي آهن، کين بي گهر ڪيو پيو وڃي، الاٽمينٽ جي صورت ۾ سندن زمينون کسيون وينديون. عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به زمين جا دستاويز اوهان وٽ آهن ته درخواست سان ڳنڍيو، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪاغذ جواب ۾ پيش ڪيا آهن. هاڪس بي ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منصوبي تي منع نامو جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان فيصلي جي آجيان ڪئي وئي. زين شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ هائيڪورٽ منع نامو جاري ڪري متاثرن کي حوصلو ڏنو آهي، عدالتي حڪم سان ماڻهو بي گهر ٿيڻ کان بچي ويا آهن. زين شاهه چيو ته حڪومت ماڻهن کان ڇت کسي ڊي ايڇ اي کي زمين ڏيڻ جو منصوبو جوڙي رهي هئي، اميد آهي ته عدالت متاثرن کي تحفظ فراهم ڪندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
41 %
4.7kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون