سنڌ هائيڪورٽ ٽن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواستون اڪلائيندي ٻين گم ٿيلن جي بازيابي بابت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ مختلف علائقن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داختل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس اڳڀرائي واري رپورٽ جمع ڪرائي.
پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سعود آباد مان گل ٿيل نوجوان محمد ساجد واپس اچي ويو آهي، عدلت گلشن معمار مان وڪيل امتياز بروهي کي غيرقانوني حراست ۾ رکڻ تي ايس ايس پي اولهه کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
پوليس جي رپورٽ موجب زمان ٽائون مان گم ٿيل انور کي پوليس ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو، جڏهن ته هاڻي کيس آزاد ڪيو ويو آهي.
عدالت ٽنهي گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ داخل درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
سنڌ هائيڪورٽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت وفاقي گهرو سيڪريٽري، صوبائي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.