سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ آءِ جي ۽ ٻين کي سنجيده قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن کان 5 سيپٽمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جمشيد ڪوارٽرز واري علائقي مان 11 سالن کان گم ٿيل شهري علي جي گهرواري عدالت ۾ ڏک ڀريو داستان ٻڌايو جڏهن ته عورت جو تڪليف ڏيندڙ داستان ٻڌي عدالت جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.
علي جي گهرواري چيو ته سندس مڙس 11 سالن کان گم آهي، آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي سزا ختم ئي نٿي ٿئي؟.
علي جي گهرواري چيو ته اڪيلي عورت جو هن معاشري ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو آهي ڪنهن کي اندازو آهي؟، هوءَ ڳوڙها ڳاڙي ويٺي.
علي جي گهرواري چيو ته هوءَ جيڪڏهن مدد به ڪنهن کان گهري ٿي ته بدلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه گهرن ٿا.
عورت جي بيان بعد عدالت پوليس ۽ گهرو کاتي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس آخر ڇا ڪري رهيا آهن؟، ڇا سڀ ماڻهو رڳو پگهار لاءِ ڊيوٽي پيا ڪن؟، 11، 11 سالن تائين گم ٿيل شهري جو پتو نٿا لڳائي سگهن ته ڪم ڇڏي ڇو نٿا ڏين؟.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ آءِ جي ۽ ٻين کي سنجيده قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي پوليس ۽ ٻين جاچ ادارن کان 5 سيپٽمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.