سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بابت پوليس جي رپورٽ کي رد ڪندي گم ٿيلن کي ڪنهن به صورت ۾ بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي سربراهن کي طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿي ويلن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت پوليس جي جمع ڪرايل رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويلن کي بازياب نه ڪرائڻ تي جي آءِ ٽي اختيارين تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس سربراهه کي طلب ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته جي ٽي آءِ اجلاس ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جو پتو نٿو لڳائي سگهجي ته اها ڪارروائي فضول آهي، اوهان رڳو ماڻهن کي پريشان ڪيو ٿا ٿئي ڪجهه به نٿو.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته 26 جي آءِ ٽيز اجلاس کان پوءِ گم ٿي ويلن جي خبر ناهي پئجي سگهي سموريون ڪارروايون اجايون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ اجلاس جي 3 ڏينهن کان پوءِ جي آءِ ٽيز رپورٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت ۽ دفاع واري وزارت جي رپورٽ تي به بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.
عدالت چيو ته هاڻ ائين نه هلندو، گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻو پوندو ٻئي صورت ۾ جاچ آفيسر جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
گهرو وزارت طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گم ٿي ويل ماڻهو ڪنهن به وفاقي اداري جي حراستي مرڪز ۾ قيد نه آهن.
عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي سربراهن کي 6 ڊسمبر تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.