تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ کير ٿر نيشنل پارڪ تي هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ خلاف ڪيس ۾  چيف سيڪريٽري کي خميس تائين بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هائيڪورٽ ۾ کير ٿر نيشنل پارڪ کي تباهه ڪري هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت    چيف سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ تي ڪاوڙ  جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان کي خبر ناهي ته خطي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ صديون پراڻن ڳوٺن کي ختم ڪري ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته هائوسنگ اسڪيمن جي نال تي گلوبل پارڪ تي قبصو ڪيو پيو وڃي، ڇا اوهان صورتحال کان واقف آهيو؟

چيف سيڪريٽري چيو ته ڪمشنر حيدرآباد پنج دورا ڪري رپورٽ تيار ڪئي آهي، رپورٽ موجب نيشنل پارڪ جي زمين تي ڪي به حددخليون ناهن،  هو مستقبل بابت نه ٿو چئي سگهي.

عدالت چيو ته توهان اها ڳالهه قسم نامي ۾ لکي ڏنو ۽ ٻڌايو ته اڄ به قبضو ناهي نه ئي مستقبل ۾ ڪوشش ٿيندي، قسم  نامي ۾ اهو به لکو ته عالمي معيار جي پارڪ تي قبضو نه ٿيندو.

چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سنڌ حڪومت مستقبل ۾ ڪنهن کي هڪ انچ به زمين نه ڏئي سگهي.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين چيف سيڪريٽري کي قسم نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون