تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٻن ڀائرن سميت 2013 کان 15 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٻن ڀائرن سميت 2013 کان 15 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتي، سنڌ سرڪار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي چئن هفتن اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٻن ڀائرن سميت 2013 کان 15 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جاچ آفيسر پاران روايتي رپورٽون پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته اها رياست جي ذميواري آهي ته اهو معلوم ڪري ته شهري پاڻ هليا ويا آهن يا گم آهن. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هو روايتي طريقي مان مطمئن ناهن، گم ڪيل ماڻهو بازياب ڪرايا وڃن. عدالت گم ٿيل شهري معاذ ۽ طلحه جي ماءُ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪجھه چوڻ چاھيو ٿا؟ جنهن تي ماءُ موقف اختيار ڪيو ته ٻئي پٽ 12 سالن کان گم آهن، هاڻي بازيابيءَ جون درخواستون به بي معنيٰ بڻجي ويون آهن. گهرو کاتي جي فوڪل پرسن عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي ڀائرن جي جبري گمشدگي طئي ٿي وئي، معاوضي جي سمري منظور ڪئي وئي آهي. ٻنهي ڀائرن جي امڙ چيو ته حڪومت طرفان معاوضو نه کپي، سندس پٽ واپس ڪيا وڃن. جاچ آفيسر ٻڌايو ته گم ٿيل شهري محمد حنيف خلاف 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، خيرپور ويندي قاضي احمد ويجهو جاچ آفيسر سان گڏ پوليس جي حراست مان محمد حنيف فرار ٿي ويو هو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪٿي به آهي کيس ڳولي کڻي اچو. عدالت طرفان جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس جا اجلاس جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. عدالت هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪئي وڃي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتي، سنڌ سرڪار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي چئن هفتن اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون