سنڌ هاءِ ڪورٽ اڍائي ورهين جي ٻار ۽ ماءُ سميت 15 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسرن کان اڳڀرائي واريون رپورٽون طلب ڪري ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ اڍائي ورهين جي ٻار ۽ ماءُ سميت 15 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار جي وڪيل ڪامران بلوچ موقف اختيار ڪيو ته گم ڪيل ماڻهن جي خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي، سائيٽ ايريا جي علائقي مان گم ٿيل شهري نور زمان پاڻ ئي گم ٿي ويو آهي، گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد پڻ ڏني وئي آهي.
عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته جيڪڏهن شهري پاڻ ئي گم آهي ته پوءِ سندس خاندان جي مالي مدد ڇو ڪئي وئي؟.
عدالت گهرو سيڪريٽري کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته ڊفينس جي علائقي مان نصيرا بي بي ۽ سندس اڍائي ورهين جو ٻار گم ٿي ويا.
ٻڌڻي دوارن جاچ آفيسر چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ماءُ ۽ پٽ جي ڳولا جاري آهي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شاهه لطيف جي علائقي مان گم ٿيل سيد عباس شاھه بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي.
عدالت شهري جي گمشدگي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.
عدالت جو ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گم ٿيل شهرين بابت جاچ آفيسرن کان اڳڀرائي رپورٽون طلب ڪندي درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.