تازه ترين

سنڌ وفاق کان صنعتن لاءِ اعلانيل 33 ارب جي سبسڊي فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت وفاق کان صنعتن لاءِ اعلانيل 33 ارب جي سبسڊي فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صنعتن کي سبسڊي ڏيڻ سان ملڪ جي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي، هو سيپرا کي مڪمل طور تي فعال ڪري رهيا آهن، ان سان صنعتڪارن کي فائدو ٿيندو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت 350 ميگاواٽ رينيوئيبل انرجي ۽ 75 ميگاواٽ جا سولر پلانٽ لڳائي رهي آهي، رينيوئيبل انرجي جي پلانٽس سان صنعتي پيداوار لاءِ بجلي 18 کان 25 روپيا في يونٽ ملندي

سندس چوڻ هو ته هن وقت بجلي في يونٽ 60 روپيا آهي، جنهن سبب صنعتڪار پريشان آهن

وزيراعليٰ سنڌ وفاق کان شڪايت ڪندي چيو ته صنعتي علائقن ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هو بجلي ۽ گيس جا بل پابندي سان ادا ڪندا آهن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته صنعتي علائقن مان مافيا بجلي چوري ڪري ٿي، ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا چوري ۽ لائن لاسز گهٽ ڪرڻ لاءِ صنعتي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي.

هن چيو ته صنعتڪارن صنعتي ۽ رهائشي علائقن ۾ پي ايم ٽيز الڳ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون