تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ وفاق کان صنعتن لاءِ اعلانيل 33 ارب جي سبسڊي فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت وفاق کان صنعتن لاءِ اعلانيل 33 ارب جي سبسڊي فوري جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صنعتن کي سبسڊي ڏيڻ سان ملڪ جي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي، هو سيپرا کي مڪمل طور تي فعال ڪري رهيا آهن، ان سان صنعتڪارن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت 350 ميگاواٽ رينيوئيبل انرجي ۽ 75 ميگاواٽ جا سولر پلانٽ لڳائي رهي آهي، رينيوئيبل انرجي جي پلانٽس سان صنعتي پيداوار لاءِ بجلي 18 کان 25 روپيا في يونٽ ملندي سندس چوڻ هو ته هن وقت بجلي في يونٽ 60 روپيا آهي، جنهن سبب صنعتڪار پريشان آهن وزيراعليٰ سنڌ وفاق کان شڪايت ڪندي چيو ته صنعتي علائقن ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هو بجلي ۽ گيس جا بل پابندي سان ادا ڪندا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته صنعتي علائقن مان مافيا بجلي چوري ڪري ٿي، ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا چوري ۽ لائن لاسز گهٽ ڪرڻ لاءِ صنعتي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته صنعتڪارن صنعتي ۽ رهائشي علائقن ۾ پي ايم ٽيز الڳ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون