تازه ترين

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ “عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيئن روڪي سگهجي” عنوان سان ڪانفرنس

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ “عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيئن روڪي سگهجي” جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.

ڪرمنالاجي شعبي طرفان شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن پنهنجا مڪالا ۽ راءِ پيش ڪئي.

ڪانفرنس کي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاھ، ميرپورخاص يونيورسٽي جو وائس چانسلر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، ڪرمنالاجي شعبي جو چيئرمين ڊاڪٽر وحيد عباسي، هيومن رائٽس ڪميشن جي پشپا ڪماري، وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانا ملاح، جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر سينئر صحافي شوڪت نوناري، ٽرانسجينڊر مريم شيخ، ڊي آئي جي ميرپورخاص جاويد  جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندا.

ڪانفرنس ۾ جي ڊبليو سي جو مرڪزي صدر شوڪت نوناري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي ڪارڻ ۽ روڪٿام لاءِ ڪانفرنس جي سيشن کي خطاب ڪندو.

ڪانفرنس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون، مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو، اديب، دانشور، سماجي تنظيمن جا نمائندا شريڪ آهن.

ڪانفرنس ۾ مجموعي طور ڏھ کان وڌيڪ سيشن مقرر ڪيل آهن، ڪانفرنس جو مقصد عورتن ۽ ٻارڙن تي جبري تشدد کي روڪڻ لاءِ عملي قدم آهي.

مقررن جو چوڻ هو ته عورتون ۽ ٻار سماج جو حساس ڪردار آهن انهن کي تشدد ڪري، ذهني دٻاءُ ۾ وجهي مرجهائڻ معاشري لاءِ سٺو سنوڻ ناهي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
26 ° C
26 °
26 °
50 %
3.6kmh
99 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون