سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وجيلنس ٽيمن مختلف شهرن ۾ تعليم کاتي جي ويئر ھائوسن تي ڇاپا ھڻي وڏي تعداد ۾ ڪتاب ھٿ ڪري ورتا آھن .
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وجيلنس ٽيمن ٻئي ڏينهن به تعليم کاتي جي ضلعي ۽ تعلقي جي ويئر ھائوسن تي ڇاپا هنيا ويا.
ڇاپي دوران گهوٽڪي جي ويئر ھائوسن ۾ وڏي انگ ۾ ڪتاب مليا، جڏھن تھ بورڊ جي ٽيم ثبوت طور وڊيوز ۽ فوٽو گرافي ڪندي تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي ڪتاب اسڪولن ۾ پهچائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سھيل احمد ٻارن تائين ڪتابن جي پهچائڻ ۾ سستي ڪندڙ تعليم کاتي جي عملدارن تي افسوس جو اظهار ڪيو . سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سھيل احمد چيو تھ فوري طور تي ڪتاب ٻارن تائين پهچايا وڃن ٻي صورت ۾ ڪارروائي لاءِ تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي سفارش ڪئي ويندي .