تازه ترين

سنڌ ٽي وي نيوز سنڌي ميڊيا ۾ سڀني کان اڳ يوٽيوب سلور بٽڻ حاصل ڪري ورتو

سنڌ ٽي وي نيوز سنڌي ميڊيا ۾ سڀني کان اڳ يوٽيوب سلور بٽڻ حاصل ڪري ورتو آهي.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر يوٽيوب جي سلور بٽڻ حاصل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

سنڌي ميڊيا جو پهرين نيوز چينل سنڌ ٽي وي نيوز عوام جي اعتماد سان سوشل ميڊيا تي به ٽاپ تي اچي ويو آهي

فيس بوڪ تي ڏيڍ ملين کان وڌيڪ فالوئرز حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ يوٽيوب تي به  هڪ لک کان وڌيڪ سبسڪرائيبر حاصل ڪري ورتا آهن.

يوٽيوب طرفان هڪ لک کان وڌيڪ سبسڪرائيبر پورا ٿيڻ تي سنڌ ٽي وي نيوز کي سلور بٽڻ ڏنو ويو آهي، جنهن جو باضابطا طور اعلان سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ڪيو.

سنڌ ٽي وي نيوز جي انتظاميا موجب يوٽيوب جو سلور بٽڻ سنڌ ٽي وي نيوز تي عوام جي اعتماد جو نتيجو آهي.

انتظاميا موجب سنڌ ٽي وي نيوز چينل مٽي ۽ ماڻهن جو سنگم واري پنهنجي سلوگن تي هلندي هميشه عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ مظلومن جو ساٿ ڏيندي عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي اهوئي سبب آهي جو سنڌ ٽي وي نيوز عوام جو مقبول چينل بڻجي ويو آهي.

ترجمان موجب عوام ۾َ مقبول هجڻ سبب سنڌ ٽي وي نيوز سوشل ميڊيا تي به ٽاپ تي اچي ويو آهي. سنڌ ٽي وي نيوز يو ٽيوب ۽ فيس بوڪ کانسواءِ سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمن ٽوئٽر، انسٽاگرام، ٿريڊز ۽ ٽڪ ٽاڪ تي به سنڌي ميڊيا ۾ سڀني کان اڳتي آهي، سنڌ ٽي وي نيوز جا ريلز ۽ شارٽس به مقبول ٿيندا پيا وڃن…

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون