تازه ترين

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو هدايتڪار ماما عارف بلوچ هميشه لاءِ وڇڙي ويو

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو هدايتڪار ماما عارف بلوچ هميشه لاءِ وڇڙي ويو

ماما عارف بلوچ ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيڻ سبب هڪ مهينو زندگي ۽ موت ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ماما عارف بلوچ حادثي دوران مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڪراچي مهيني تائين ڪراچي ۾ علاج هيٺ رهيو پر سندس زندگي سندس ساٿ نه ڏنو.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ سٿ طرفان ماما عارف بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ چيئرمين ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ ايم ڊي اجيت ڪمار آهوجا طرفان به ماما عارف بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر چيو ته ماما عارف بلوچ سنڌ ٽي وي جو محنتي، جاکوڙي، ذميوار ۽ سچو ڪارڪن هو سندس لاڏاڻي تي دلي صدمو پهتو آهي.

هن چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ لاءِ ماما عارف بلوچ جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
12 %
0.6kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون