تازه ترين

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪاميابيءَ جا 20 سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف شهرن ۾ سالگره ملهائي پئي وڃي، تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ پڻ ڪَاٽيا پيا وڃن

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪاميابيءَ جا 20 سال مڪمل ٿيڻ تي مختلف شهرن ۾ سالگره ملهائي پئي وڃي، تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ پڻ ڪَاٽيا پيا وڃن.

سکر ۾ به سنڌ ٽي وي نيٽورڪ جي ويهين سالگرهه ملهائي وئي .

سنڌ ٽي وي نيوز سکر بيورو آفيس ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر، ايم بي ڌاريجو، اينٽي ڪرپشن جي پي آر او صبغت الله شيخ، سياسي سماجي اڳواڻ شائستا کوسو، عذرا جمال، ۽ سنڌ ٽي وي نيٽورڪ سکر جي سٿ شرڪت ڪئي.

ڊي سي سکر ايم بي ڌاريجو چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽورڪ هميشه سٺي ۽ بهتر نموني پنهنجو فرض نڀايو آهي.

ڄامشورو ضلعي جي هيڊڪوارٽر شھر ڪوٽڙي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 20 سالگره ملهائي وئي.

20 پوائڊ جو ڪيڪ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مشتاق عباسي، غلام مصطفي کوسو، ارباب جان محمد شورو، ارباب ولي محمد شورو، قربان پنھور ، يونس اوٺو، مجيد بلوچ ،دلشاد بليدي، جبار ڪابورو ، شيخ سنڌي، آزاد جوڻيجو  ۽ ٻين ڪاٽيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو 20 سالن جو سفر انتھائي زبردست رھيو آھي، ان سفر ۾ ڏکيا ڏينھن به آيا پر ڪڏهن سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پوئتي نه ھٽيو آھي، سنڌ ٽي وي مظلوم جو آواز رھيو آھي.

نوشهروفيروز جي سنڌ ٽي وي جي آفيس ۾ سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، استادن ۽ شھرين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وڪيل نثار ملاح چيو ته سنڌ ٽي وي جا ويھه سال شاندار ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ وارا رهيا آھن.

صحافي زاهد راڄپر چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ ويھه سال سنڌ جو ڪيس هر فورم تي وڙھيو آھي، انتها پسندي هجي،  ناڻي ۽ پاڻي جو مسئلو هجي هر مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ اجاگر ڪيو آھي.

راڻا شيرمحمد چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جا ويھه سال هڪ ڏکيو ۽ اڙانگهو سفر رهيو آھي، واحد سنڌي چئنل آھي جنهن کي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ بند ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي پر سنڌجي عوام پنهنجي محبوب چئنل جو ساٿ ڏنو ۽ چئنل کي بحال ڪيو ويو.

ان موقعي تي استاد ارباب ملاح، جاويد ڀرٽ، فرحان علي ميمڻ، خليل عمراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ کي 20 سالن جو سفر مڪمل ڪرڻ تي پريس ڪلب ٺٽو ۾ 20 سالگرهه ملهائي وئي.

ڊسٽرڪٽ رپورٽر ٺٽو سارنگ چانڊيو، ڪيٽي بندر، عزيز لاشاري، آصف جوکيو، عبدالحفيط جوکيو، اقبال جاکرو سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

ڊاڪٽر شاهد صديقي، عزيز جوڳي، ايوب ملاح، اسماعيل ميمڻ، منصور جلاڻي، خدا بخش بروهي، حاجن سولنگي، ظهور علي محمد ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.

سجاول ۾ سنڌ ٽي وي جي سفر جي 20 هين سالگره تي پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪري سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

تقريب ۾ سياسي سماجي ماڻهن سميت صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڏوڪري ۾ سنڌ ٽي وي نيوز جي 20هين سالگره ملهائي وئي.

پريس ڪلب ڏوڪري تي سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر اطهر سنديلو جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

سالگره تقريب ۾ صحافين اسد ٻگهيو، زبير نگي، صدام ٻگهيو، قاضي فريد، اصغر ميمڻ، قاضي سهيل، اطهر ميمڻ، عرفان منگي، قاضي نياز، وحيد جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي قلم ڌڻين چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي سندن مسئلن کي اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز غير جانبداري سان ملڪ جي حقيقي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي جنهن تي ڊاڪٽر ڪريم راڄپر سميت سندس ٽيم جس لهڻي.

موري شهر جي سٽي پريس ڪلب ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سالگرهه ملهائي وئي.

سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر شعبان علي ابڙو، ڪيمرا مين امتياز علي ملاح ۽ ٻين  سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو.

تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ گذريل ويهه سالن کان عوام جو سگهارو آواز بڻيل آهي.

ميرپورماٿيلي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سالگرهه جو ڪيڪ سنڌ ٽي وي آفيس ۾ ڪاٽيو ويو.

سالگرهه تقريب ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ شريڪ صحافين، اداڪارن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن برڪت ميراڻي، لطيف وسير، اميد علي ڪلوڙ، زاهد ميراڻي، عاجز گبول ۽ ٻين سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو آهي، جنهن هميشه اعليٰ ايوانن تائين آواز پهچايو آهي.

چيلهار ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ويهين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

سالگرهه تقريب اڳوڻي ٽائون چيئرمين پرديپ ڪمار جي اوطاق تي ڪوٺائي وئي.

شاهپورجهانيان ۾ سنڌ ٽي وي نيٽورڪ جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي ظفر ٻگهيو پاران سنڌ هائوس تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سالگرهه تقريب ۾ امام الدين لانگاهه، محمد ياسين آرائين، ظفر ٻگهيو، محمد شريف ڏاهري، حامد علي حامد، اسد ٻگهيو، فيض فريد کوکر، نعيم احمد آرائين ساگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

نياز احمد آرائين، ضمير حسين ٻگهيو، اياز ٻگهيو، معشوق لغاري، محبوب مل، سيف سنڌي، رستم لانگاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ميڊيا ۾ سنڌ ٽي وي نيٽورڪ عوام جو آواز آهي، جيڪو غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجندو رهيو آهي.

ماتلي ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 20هين سالگرهه جي تقريب المرتضي هوٽل هال ۾ منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر اشرف چانڊيو پاران منعقد ڪيل سالگره تقريب ۾ شهر جي سياسي  سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي جي نمائندن، واپارين، وڪيلن،صحافين شاگردن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سالگرهه تقريب ۾ عدنان احمد قائمخاني، عبدالرحمان هاليپوٽو, اسلم مهندو، ايڊوڪيٽ فياض آرائين، مير شاهد ٽالپر، غلام نبي ادسي ، نصير سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ مظلومن ۽ محڪومن جو ڀرجهلو نيٽ ورڪ آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون