تازه ترين

سنڌ پوليس جا شهيد سندن فخر آهي، حڪومت هر موقعي تي پوليس کاتي جي سپورٽ ڪئي آهي : ضياءَ الحسن لنجار

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شهيد سندن فخر آهي، حڪومت هر موقعي تي پوليس کاتي جي سپورٽ ڪئي آهي.

ڪراچيءَ سينٽرل پوليس آفيس ۾ چيني قونصل خاني تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيلن جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، چيني قونصل جنرل يانگ ينگ ڊونگ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي، سمورن ايڊشنل آءِ جيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته چيني قونصل خاني تي  حملي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو، سندن سار سنڀال سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

گهرو وزير چيو ته سهائي عزيز ٽالپر  فوري طور رسپانس ڪري وڏي حادٿي کان بچايو، هو چيني شهرين کي خاطري ٿو ڪرائي ته سنڌ ۾ کين فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

چيني قونصل جنرل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ پوليس طرفان ڏنل سڪيورٽي تي کين اطمينان آهي، فرض جي راهه ۾ قرباني ڏيندڙن جي ڏک جو کين احساسن آهي، چيني سرڪار سنڌ پوليس سان سهڪار جاري رهندي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ سنڌ پوليس جي ذميواري آهي، شهيد سنڌ پوليس جا هيرو آهن.

تقريب دوران ايَ آءِ جي فنانس سهائي عزيز کي يادگاري ميڊل پڻ ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون