تازه ترين

سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو.

سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري، بلوچستان جي آبپاشي واري وزير صادق عمراڻيءَ سان ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران مختلف معاملن سميت ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل امڪاني تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات بعد ڳالهائيندي صوبائي وزير صادق عمراڻي چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي سنڌ جيان بلوچستان سرڪار به مخالفت ڪري ٿي.

هن چيو ته بلوچستان اسيمبليءَ مان به ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو ويندو.

ڄام خان شوري چيو ته ارسا جي هاڻوڪي سيٽ اپ ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ نه ڏني ويندي، ترميمون خطرناڪ آهن.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ کانپوءِ بلوچستان سرڪار به ترميمي ايڪٽ جي مخالفت ڪئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون