تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي مطالبي تي زراعت تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرط تي ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025ع، ڪابينا جي ڪارروائي لاءِ ايپليڪيشن ٺاهڻ، سولر هوم سسٽم جو گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سپلاءِ ڪانٽريڪٽ ڪرڻ ۽ سولر هوم سسٽم جو ڪانٽريڪٽ اين آر ٽي سي کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرط تي ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪو جنوري 2025ع کان لاڳو ٿيندو. وڏي وزير جي ترجمان موجب، صوبائي حڪومت طرفان ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ لائيو اسٽاڪ کي شامل ناهي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايگريڪچر انڪم ٽيڪس بل جنوري کان لاڳو ٿيندو، ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بورڊ آف روينيو بدران سنڌ روينيو بورڊ جمع ڪندو، قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي. هن چيو ته آباد زمين کي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لڳايو ويندو، ننڍي ڪمپنين تي زرعي ٽيڪس 20 سيڪڙو ۽ وڏي ڪمپنين تي 28 سيڪڙو لاڳو ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته زرعي آمدني 15 ڪروڙ کان 20 ڪروڙ رپين تائين هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳندي، 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ رپين تائين زرعي آمدن تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳندي. سندس چوڻ هو ته 25 ڪروڙ کان 30 ڪروڙ تائين 3 سيڪڙو، 30 کان 35 ڪروڙ رپين جي آمدني تي چار سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 35 ڪروڙ کان 40 ڪروڙ رپين تائين 6 ۽ 40 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ رپين تائين آمدني تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لڳندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو ايگريڪلچر ٽيڪس لڳائي ويندي. سنڌ ڪابينا جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو وفاقي حڪومت سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون ڪندو. سنڌ ڪابينا جو چوڻ آهي ته ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لڳائڻ سان سبزين جا اگهه وڌي ويندا، زرعي ٽيڪس لڳائڻ سان ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيون جنسون به مهانگيون ٿي وينديون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪي مفاد ۾ سنڌ ڪابينا زرعي ٽيڪس جي منظوري ڏئي رهي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪابينا ۾ ايترا فائل آهن جن جو تمام گهڻو خرچ آهي. ڪابينا جي ڪارروائي لاءِ سنڌ ڪابينا ايپليڪيشن ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ميمبرن کي ٽيبليٽ ڏنا ويندا، جنهن سان رڳو ڪابينا جي ايجنڊا، منٽس ۽ ڪارروايون اينديون، وزير تبديل ٿيڻ سان ٽيبليٽ واپس جنرل ايڊمنسٽريشن کي ڏنو ويندو. سنڌ ڪابينا اوزار خريد ڪرڻ لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا سولر هوم سسٽم جو گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سپلاءِ ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا سولر هوم سسٽم جو ڪانٽريڪٽ اين آر ٽي سي کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون