تازه ترين

سنڌ ڪابينا اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين ريلوي لائن وڇائڻ لاءِ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين ريلوي لائن وڇائڻ لاءِ زمين ڏيڻ، حب ڪئنال جي بحالي ۽ نئون ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏيندي  حب ڪئنال منصوبو 12 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ريلوي لائن وڇائڻ سان ٿر جو ڪوئلو سموري ملڪ ۾ پهچايو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ مختلف نڪتن تي غور ۽ فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه، تعليم کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته گرمين جي موڪلن بعد اسڪول کلي ويا آهن، هو چاهي ٿ هن سال گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ تدريسي عمل بهترين هجي. تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، وڏي وزير کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو پاڻ تعليمي سرگرمين جي نگراني ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير ۽ ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته حب ڪينال منصوبي تي ڪم تيز ڪيو وڃي. سنڌ ڪابينا موجوده حب ڪئنال جي بحالي ۽ نئون ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير حب ڪينال جي بحالي ۽ نئون ڪينال ٺاهڻ لاءِ 12 ڏهائي 72 ملين رپين جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سنڌ ڪابينا کي فنڊ فوري جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته حب ڪينال منصوبو 12 مهينن اندر مڪمل ٿئي ته فنڊز جاري ڪري ڇڏيندا، 12 مهينن جو مقصد سيپٽمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير 12 ڏهائي 72 ملين رپين جي گرانٽ واٽر بورڊ کي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا هڪ هزار 381 ڏهائي 34 ايڪڙ زمين ميرپورخاص ۾ ريلوي لائن کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هڪ هزار 381 ڏهائي 34 ايڪڙ زمين اسلام ڪوٽ کان ڇور تائين 105 ڪلو ميٽر ريلوي لائن وڇائي ويندي، لائن وڇائڻ سان ٿر جو ڪوئلو ملڪ ۾ توانائي ۽ ٻين منصوبن لاءِ ٽرانسپورٽ ٿي سگهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
15 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون