تازه ترين

اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کانپوءِ پاڪ فوج جا وڌيڪ 3 اڳوڻو آفيسر گرفتار

- Advertisement -
اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽن رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي ضابطن جي ڀڃڪڙي جي سلسلي ۾ تحويل ۾ ورتو ويو، رٽائرڊ آفيسرن ۽ سندن ساٿين کان وڌيڪ جاچ جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي تحويل ۾ ورتو ويو، ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سندن ساٿين خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٽئي رٽائرڊ آفيسر سياسي مفادن خاطر ۽ ملي ڀڳت سان عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا هئا. ذريعن موجب، فوجي تحويل ۾ ورتل ٽنهي آفيسرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، گرفتار آفيسرن ۾ 2 رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ هڪ رٽائرڊ ڪرنل شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ پاڪ فوج، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي تحويل ۾ ورتو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون