- Advertisement -
سنڌ ڪابينا گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار مقرر ڪرڻ، 434 ڪلينيڪل جايون پيدا ڪرڻ، صحت کاتي ۾ 731 مختلف جايون ختم ڪرڻ، 407 پوليس اسٽيشنن کي سڌيءَ ريت بجيٽ ۽ ڊي ڊي او پاور ڏيڻ، ٿرپارڪر ۾ اين جي او هيلپ جي سهڪار سان 9 ڊسپينسريون هلائڻ، وزيراعظم جي وومين امپاورمينٽ پيڪيج ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رولز ۾ ترميم منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته وزيراعظم وومين امپاورمينٽ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، پيڪيج ۾ سنڌ سرڪار پنهنجي طرفان به اوترا ئي فنڊ خرچ ڪندي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ريڪورٽمينٽ مينيجمينٽ جي ضابطن ۾ ترميم بابت بريفنگ ڏني وئي.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايس پي ايس سي ترميم تحت پاس اميدوارن جي لسٽ بڻائڻ جي گنجائش پيدا ڪرڻ آ هي، جيڪڏهن ڪو اميدوار پاس ٿيڻ بعد جوائن نه ٿو ڪري ته جاءِ خالي ٿي ويندي آهي، ويٽنگ لسٽ هوندي ته خالي جڳهه تي ترتيبوار اميدوار جوائن ڪندو.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن به ويٽنگ لسٽ تيار ڪندي آهي.
سنڌ ڪابينا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي رولز ۾ ترميم منظوري ڏئي ڇڏي.
اجلاس دوران سنڌ ڪابينا پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 37 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني.
سنڌ ڪابينا وزيراعظم جي وومين امپاورمينٽ پيڪيج ۾ شامل ٿيڻ جي به منظوري ڏني.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته صوبائي وومين ڊولپيمنٽ کاتو پيڪيج ۾ شموليت لاءِ ڪم ڪري، وزيراعظم وويمن امپاورمينٽ پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ڪابينا 434 ڪلينيڪل جايون پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏني، اهي جايون اسپيشل ڪيڊر جون هونديون ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيندي.
هن چيو ته وزيراعظم پيڪيج ۾ سنڌ حڪومت به پنهنجي طرفان اوترا ئي فنڊ خرچ ڪندي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪيا ويندا.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون بل نه ملڻ يا لائن لاسز جي بهاني سمورو فيڊر بند ڪري ڇڏينديون آهن، ڪمپنيون لائن لاسز يا ٽيڪنيڪل لاسز جو بار علائقي جي ماڻهن تي نه ٿيون وجهي سگهن.
هن چيو ته بجلي چوري جو نقصان به عوام تي نه ٿو وجهي سگهجي، بجلي چوري روڪڻ لاءِ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون پاڻ قدم کڻن.
ناصر شاهه چيو ته وفاقي سرڪار کي چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي سمورو فيڊر بند ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
سنڌ ڪابينا تجويز منظور ڪري وفاقي حڪومت کان ڪارروائي جي سفارش ڪئي.
ڪابينا 407 پوليس اسٽيشنن کي سڌيءَ ريت بجيٽ ۽ ڊي ڊي او پاور ڏيڻ جي منظوري ڏني.
سنڌ ڪابينا صحت کاتي جي 731 مختلف قسم جون جايون ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان 336 ڏهائي 729 ملين رپيا بچت ٿيندي.- Advertisement -
