تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ گورنر پاران سڀاڻي شاهراهه فيصل کان نمائش تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سڀاڻي شاهراهه فيصل کان نمائش تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته سڀاڻي آزاديءَ جو جشن ڀرپور نموني ملهايو ويندو، شاهراهه فيصل کان نمائش چورنگي تائين ريلي ڪڍي ويندي.

مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽسوري چيو ته سڀاڻي ڪڻن ذريعي گاڏيون، ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ عمري جون ٽڪيٽون ورهايون وينديون.

هن چيو ته جشن آزاديءَ جي ڏهاڙي تي آزادي قافلو نڪرندو، عوام سڀاڻي قومي جهنڊو هٿ ۾ کڻي شاهراهه فيصل پهچي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته هو سڀاڻي شاهراهه فيصل کان نمائش چورنگي تائين ريلي ڪڍندا ۽ لکين جهنڊا ورهائيندا.

هن چيو ته وڏي انگ ۾ گڏجي هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي قومي ترانو پڙهي عالمي رڪارڊ ٺاهيندا.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ڪراچيءَ جي ڪنهن هڪ ٿنڀي تي قومي جهنڊو نظر نه اچي رهيو آهي، ٿنڀن تي سياسي پارٽين جا جهنڊا لڳي سگهن ٿا ته قومي جهنڊو ڇو نه؟،  9 مئي جي واقعن کي سڀاڻي جشن آزادي جي خوشي ۾ تبديل ڪرڻو پوندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
29 %
1.4kmh
7 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون