سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سڀاڻي شاهراهه فيصل کان نمائش تائين ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته سڀاڻي آزاديءَ جو جشن ڀرپور نموني ملهايو ويندو، شاهراهه فيصل کان نمائش چورنگي تائين ريلي ڪڍي ويندي.
مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽسوري چيو ته سڀاڻي ڪڻن ذريعي گاڏيون، ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ عمري جون ٽڪيٽون ورهايون وينديون.
هن چيو ته جشن آزاديءَ جي ڏهاڙي تي آزادي قافلو نڪرندو، عوام سڀاڻي قومي جهنڊو هٿ ۾ کڻي شاهراهه فيصل پهچي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته هو سڀاڻي شاهراهه فيصل کان نمائش چورنگي تائين ريلي ڪڍندا ۽ لکين جهنڊا ورهائيندا.
هن چيو ته وڏي انگ ۾ گڏجي هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي قومي ترانو پڙهي عالمي رڪارڊ ٺاهيندا.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ڪراچيءَ جي ڪنهن هڪ ٿنڀي تي قومي جهنڊو نظر نه اچي رهيو آهي، ٿنڀن تي سياسي پارٽين جا جهنڊا لڳي سگهن ٿا ته قومي جهنڊو ڇو نه؟، 9 مئي جي واقعن کي سڀاڻي جشن آزادي جي خوشي ۾ تبديل ڪرڻو پوندو