سنڌ ۽ ڪينيا وچ ۾ صحت، دوائن، طبي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڪينيا جي صحت واري وزير ايڊن ڊوالي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ڪينيا جي صحت واري وزير سان گڏ ڪينيا جو هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ پيٽر مبوگو نجيرو، آغا خان يونيورسٽي جو صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين، آغا خان ڊيولپمنٽ نيٽ ورڪ جو سفارتي نمائندو امين ماوجي، چيف آف اسٽاف عبدالباسط، ڪينيا هاءِ ڪميشن جو وزير جيمز اوموسا گڏ هئا.
سنڌ سرڪار جي نمائندگي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي ۽ ٻين ڪئي.
سنڌ ۽ ڪينيا وچ ۾ صحت، دوائن، طبي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، گڏيل سهڪار وڌائڻ جا امڪان موجود آهن، سنڌ جي صحت جو وڌندڙ بنيادي ڍانچو ۽ دوائون ٺاهڻ جي صنعت ڪينيا لاءِ اهم موقعا فراهم ڪري سگهي ٿا.
مراد علي شاهه چيو ته صحت اهڙو شعبو آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، سنڌ طبي تعليم، صحت جي سهولتن، دوائون ٺاهڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪينيا سان ڀائيواري لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته گڏيل سهڪار کي ڳالهين تائين محدو ڪرڻ بدران عملي نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي.
سنڌ ۽ ڪينيا وچ ۾ صحت، دوائن، طبي تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19
°
C
19
°
19
°
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°


