تازه ترين

سنڌ ۾ اتحادين سان گڏجي چونڊون کٽي حڪومت ٺاهينداسين: راشد محمود سومرو

- Advertisement -
جي يو آءِ اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ اتحادين سان گڏجي چونڊون کٽي حڪومت ٺاهينداسين، جيڪڏهن عوام اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو ته ڪرپشن ۽ ظلم جو دور ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. پني عاقل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي  علامه راشد محمود سومرو چيو ته پ پ 75 سالن ۾ 50 سال اقتدار ۾ رهي ڪرپشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن برسات متاثرن جا فنڊ ھڙپ ڪيا، اسان اقتدار ۾ اچي سنڌ ۾ امن امان قائم ڪنداسين، ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ تي ٿاڻن جو گهيرو ڪيو ويندو. علامه راشد محمود سومرو چيو ته اٽي لٽي  ۽ اجھي  جو نعرو هڻندڙ عوام جي وات مان به گرھ کسي ويا آهن، غريب ووٽرن کي ووٽ نه ڏيڻ تي ڌمڪايو پيو وڃي، اسين غريبن جا رکوالا آھيون، ڪنھن جي ڌمڪين ۾ نه اچبو. سندس چوڻ هو ته ھن ڀيري سنڌ مان انقلاب اچڻ جي اميد آھي، خوف ۽ طاقت جي زور تي ووٽ گهرڻ وارن کان عوام نه ڊڄندو، جيڪڏھن اسانجو مينڊيٽ چوري ٿيو ته هنن کي حلف به کڻڻ نه ڏينداسين، اسيمبلين جو به گھيراءُ ڪيو ويندو. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا، ڪارونجھر جا جبل وڪڻي ڇڏيا، اسپتالن ۽ اسڪولن جا پيسا هڙپ ڪيا، برسات متاثرن جي راشن ۽ خيمن کان وٺي گٽرن جي ڍڪڻن تائين جا پيسا کائيندڙ سنڌ ۾ اڃا ڪھڙي تبديلي آڻيندا. راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته ھن ڀيري ڌانڌلي جو سوچيندڙن کي اڳواٽ جيل ۾ ويٺل سياستدان جو حشر ڏسڻ گھرجي، سنڌ جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارن کي ھاڻي سڪون سان ويھڻ ڪو نه ڏنو ويندو. هن چيو ته  سنڌ ۾ رهندڙ مسلمان  توڙي غيرمسلم شهرين جا اسين رکوالا آھيون، مخالفن جيڪڏھن ڪنھن کي به انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ته جمعيت جا جيالا انھن جو گھيراءُ ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون