تازه ترين

سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 41 لک ٻارن کي تعليم ڏيڻ چاهن ٿا: سيد مراد علي شاهه

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 41 لک ٻارن کي تعليم ڏيڻ چاهن ٿا، سبب ڪهڙا به هجن، انهن جو حل ڪڍي ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻو آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيد مراد علي  چيو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيش جنوري 2024ع ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن بابت رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن موجب ملڪ ۾ 26 ڏهائي 2 ملين ٻار تعليم حاصل نه پيا ڪن، سنڌ ۾ 7 ڏهائي 63 ملين ٻارن اسڪولن ۾ داخل ناهن، هو چاهي ٿو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙا تعليم حاصل ڪن.

تعليم واري وزير  وڏي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 7 ڏهائي 6 ملين نه پر 41 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 14 ڏهائي 2 ملين ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، خانگي اسڪولن ۾ 3 ڏهائي 9 ۽ مدرسن ۾ 5 لک ٻار تعليم حاصل پيا ڪن.

هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ 8 لک 40 هزار ٻار تعليم حاصل پيا ڪن، 5 لک ٻارڙا مختلف وفاقي اسڪولن ۽ آرمي جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

وڏي وزير چيو ته يونيسيف جي اسٽڊي موجب مختلف سببن جي ڪري ٻار اسڪولن کان ٻاهر  آهن، جنهن ۾ غربت، تعليم طرفان لاڙو نه هجڻ، ڇوڪرين جا اسڪول نه هجڻ، اسڪول گهر کان پري هجڻ، تعليم ادارن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، ٻارن طرفان روزگار ڪرڻ ۽ ڇوڪرين کي تعليم نه ڏيارڻ آهي.

هن چيو ته سبب ڪهڙا به هجن، انهن جو حل ڪڍي ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻو آهن.

سردار شاهه چيوته سنڌ ۾ 36 هزار 234 پرائمري اسڪول آهن ۽ 4 هزار 730 پوسٽ پرائمري اسڪول آهن، سمورن پرائمري اسڪولن کي پوسٽ پرائمري اسڪول ڪيو وڃي…..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون