تازه ترين

سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 41 لک ٻارن کي تعليم ڏيڻ چاهن ٿا: سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر 41 لک ٻارن کي تعليم ڏيڻ چاهن ٿا، سبب ڪهڙا به هجن، انهن جو حل ڪڍي ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻو آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيد مراد علي  چيو ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيش جنوري 2024ع ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن بابت رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن موجب ملڪ ۾ 26 ڏهائي 2 ملين ٻار تعليم حاصل نه پيا ڪن، سنڌ ۾ 7 ڏهائي 63 ملين ٻارن اسڪولن ۾ داخل ناهن، هو چاهي ٿو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙا تعليم حاصل ڪن. تعليم واري وزير  وڏي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 7 ڏهائي 6 ملين نه پر 41 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 14 ڏهائي 2 ملين ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، خانگي اسڪولن ۾ 3 ڏهائي 9 ۽ مدرسن ۾ 5 لک ٻار تعليم حاصل پيا ڪن. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ 8 لک 40 هزار ٻار تعليم حاصل پيا ڪن، 5 لک ٻارڙا مختلف وفاقي اسڪولن ۽ آرمي جي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته يونيسيف جي اسٽڊي موجب مختلف سببن جي ڪري ٻار اسڪولن کان ٻاهر  آهن، جنهن ۾ غربت، تعليم طرفان لاڙو نه هجڻ، ڇوڪرين جا اسڪول نه هجڻ، اسڪول گهر کان پري هجڻ، تعليم ادارن ۾ سهولتن جي اڻاٺ، ٻارن طرفان روزگار ڪرڻ ۽ ڇوڪرين کي تعليم نه ڏيارڻ آهي. هن چيو ته سبب ڪهڙا به هجن، انهن جو حل ڪڍي ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻو آهن. سردار شاهه چيوته سنڌ ۾ 36 هزار 234 پرائمري اسڪول آهن ۽ 4 هزار 730 پوسٽ پرائمري اسڪول آهن، سمورن پرائمري اسڪولن کي پوسٽ پرائمري اسڪول ڪيو وڃي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
31 %
1.3kmh
1 %
ڇنڇر
24 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون