سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آھي ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري عوام کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو.
ڪراچي جي علائقي شاھنواز شر ڳوٺ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني، شهيد جهانگير مارفاڻي جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪري کين انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي آغا سراج دراني چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي.
ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام سان ڪيل واعدي کي پورو ڪندي تمام جلد علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان جلد ملاقات ڪري بيگناھ مارجي ويل نوجوان جھانگير بابت آگاھ ڪندا ۽ مقتول سان انصاف ٿيندو.
آغا سراج دراني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جڏھن به اقتدار ۾ آئي آھي تڏھن هنن ڳوٺن کي مالڪاڻا حق ڏياريا آھن، ھو ڏک جي ھن گھڙي ۾ مقتول جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھن.
مقتول جهانگير جي وارثن چيو ته ھنن جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، نوجوان کي شر ڳوٺ مان اغوا ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ملڻ تائين سک سان نه ويھندا.