تازه ترين

سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام گھڻو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جلد مرحليوار سولر پليٽون ورهائڻ جو  ڪم شروع ڪيو ويندو : ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پنوعاقل پيپلزپارٽي جو مضبوط ڳڙهه رهيو آهي، سنڌ سرڪار سکر ضلعي سميت سموري صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. پني عاقل ۾ آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار تمام گھڻو آهي،بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي جلد مرحليوار سولر پليٽون ورهائڻ جو  ڪم شروع ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته سکر ۾ پيپلزپارٽي ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هن وقت به مختلف هنڌن تي ڪم هلن پيا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر آهي. آجياڻي جي تقريب کي ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ضلعي ڪاؤنسل سکر جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
58 %
1.9kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون