تازه ترين

اسرائيلي فوج جا غزه ۾ پناهگير ڪيمپن، اسڪولن ۽ اسپتال تي حملا جاري، 28 فسلطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسرائيلي فوج جا غزه ۾ پناهگير ڪيمپن، اسڪولن ۽ اسپتال تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ 28 فسلطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب 5 ڏينهن ۾ 70 فلسطيني ٻار شهيد ٿي ويا جڏهن ته جباليه پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 فلسطينين شهادت ماڻي.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب اتر غزه جا شهر 100 ڏينهن کان غذا، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

رپورٽ موجب 7آڪٽوبر 2023 کان شهيدن جو انگ 46 هزار 565 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 9 هزار 660 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو امريڪي صدر جوبائيڊن سان فون تي رابطو ٿيو آهي.

وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن غزه جنگ بندي ڳالهين جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته لبنان ۽ شام سوڌو علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
31 %
1.3kmh
31 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون