اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وفاق کي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، سنڌ جو عوام ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.
ٺٽي پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو جي ڀاءُ صديق جاکرو جي وفات تي وارثن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي سسئي پليجو چيو ته تڪراري ڪئنالن خلاف پرامن ويڙھ ۾ سنڌ جو عوام ۽ سندن جدوجھد ھاڻي فيصلائتي موڙ تي اچي وئي آھي.
هن چيو ته پنجاب ۽ وفاق جي حڪمرانن ۽ سندن لاٺڙين لاءِ ضروري آھي ته ھُو سنڌ جو آواز ٻُڌن ۽ تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺن.
سندس چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ھن وقت به پاڻي جي جي تمام گهڻي کوٽ آھي، خاص طور لاڙ پٽي جي ضلعن ٺٽي، بدين، سجاول سميت سامونڊي پٽي ۽ ڪوھستاني پٽي وارن علائقن ۾ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي موجود ناھي.
سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته ھڪڙي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ارسا ۽ مختلف وفاقي ادارن ۾ ڪئنالن بابت پنھنجي ھوڏ ۽ سنڌ مخالف فيصلن تي مسلسل قائم آھي ته ساڳئي وقت پنجاب جا وزير نفرت پکيڙيندڙ ٻولي ڳالهائيندي سنڌي ماڻھن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن.
سندس چوڻ هو ته وفاقي وزير احسن اقبال جون ڳالھيون “مان نه مڃان” واري موقف تي ٻڌل آھن، ڇا سنڌ جي روڊن رستن ۽ وستين ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھو انتشار ڦھلائي رھيا آھن يا پنھنجي بنيادي حق گھري رھيا آھن.
ھن چيو ته پ پ کي گذارش آهي سنڌ دشمن فيصلو نه وٺڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت جو سھارو ٿيڻ کان بھتر آھي ته اپوزيشن جي ڪرسين تي ويھجي، سنڌ جو عوام ھاڻي ٻي ڪا ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، حڪمرانن کي ھر حال ۾ سنڌ دشمن منصوبن تان ھٿ کڻڻو پوندو.