تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وفاق کي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو : سسئي پليجو

- Advertisement -
اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، وفاق کي ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، سنڌ جو عوام ٻي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ٺٽي پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو جي ڀاءُ صديق جاکرو جي وفات تي وارثن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي سسئي پليجو چيو ته تڪراري ڪئنالن خلاف پرامن ويڙھ ۾ سنڌ جو عوام ۽ سندن جدوجھد ھاڻي فيصلائتي موڙ تي اچي وئي آھي. هن چيو ته پنجاب ۽ وفاق جي حڪمرانن ۽ سندن لاٺڙين لاءِ ضروري آھي ته ھُو سنڌ جو آواز ٻُڌن ۽ تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺن. سندس چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ ھن وقت به پاڻي جي جي تمام گهڻي کوٽ آھي، خاص طور لاڙ پٽي جي ضلعن ٺٽي، بدين، سجاول سميت سامونڊي پٽي ۽ ڪوھستاني پٽي وارن علائقن ۾ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي موجود ناھي. سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته ھڪڙي پاسي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ارسا ۽ مختلف وفاقي ادارن ۾ ڪئنالن بابت پنھنجي ھوڏ ۽ سنڌ مخالف فيصلن تي مسلسل قائم آھي ته ساڳئي وقت  پنجاب جا وزير نفرت پکيڙيندڙ ٻولي ڳالهائيندي سنڌي ماڻھن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن. سندس چوڻ هو ته وفاقي وزير احسن اقبال جون ڳالھيون “مان نه مڃان” واري موقف تي ٻڌل آھن، ڇا سنڌ جي روڊن رستن ۽ وستين ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھو انتشار ڦھلائي رھيا آھن يا پنھنجي بنيادي حق گھري رھيا آھن. ھن چيو ته پ پ کي گذارش آهي سنڌ دشمن فيصلو نه وٺڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت جو سھارو ٿيڻ کان بھتر آھي ته اپوزيشن جي ڪرسين تي ويھجي، سنڌ جو عوام ھاڻي ٻي ڪا ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، حڪمرانن کي ھر حال ۾ سنڌ دشمن منصوبن تان ھٿ کڻڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون