- Advertisement -
سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ بعد ڪراچي سميت 19 ضلعن ۾ ڏڪاري واري صورتحال ڊڪليئر ڪندي وارابندي جو پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
آبپاشي کاتي منگلا ۽ تربيلا ڊيمن ۾ پاڻي جا ذخيرا ختم ٿيڻ سبب ڏڪار کان بچڻ لاءِ پاڻي جي وارابندي جو پلان تيار ڪرڻ لاءِ سمورن چيف انجنيئرن کي خط لکي ڇڏيو.
ملڪ ۾ربيع سيزن 2024-25ع دوران تمام گهٽ برسات پوڻ سبب 3 مارچ 2025 تائين تربيلا ڊيم ۾رڳو 0.102 ايم اي اي ۽ منگلا ڊيم ۾0.226 ايم اي ايف اسٽوريج موجود آهي.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته ايندڙ چئن پنجن ڏينهن اندر هي ذخيرا مڪمل طور ختم ٿي ويندا، جنهن بعد صوبن کي پاڻي جي فراهمي رڳو دريائي وهڪرن جي آڌار تي ٿيندي.
آبپاشي کاتي موجب، جيڪڏهن درياهن ۾پاڻي جي آمد جو موجوده رحجان جاري رهيو ته سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.
آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته برسات تي ڀاڙيندڙ علائقن ۾ ڪابه اهم برسات پوڻ جو امڪان ناهي، تنهنڪري ڏڪار پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ آهي.- Advertisement -
