پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ خلاف ٺهندڙ اتحاد جي ڪا به حيثيت ناهي، عام چونڊن ۾ عوام ان اتحاد کي ناڪام ڪري ڇڏيندو. جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته طوفاني ٻوڏ ۽ ڪورونا ۾ اهي پارٽيون ڪٿي لڪل هيون؟ سنڌ جو عوام مطلب پرست پارٽين جي ڪردار ۾ چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته انهن پارٽين سبب سنڌ جا هزارين نوجوان بيروگار آهن، پ پ کان ڊنل پارٽيون عام چونڊن کان بچڻ جو رستو ڳولي رهيون آهن. امتياز شيخ چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، مخالفن کي اليڪشن ڪميشن، سرڪاري ملازمن سميت اليڪشن اسٽاف تي اعتماد ناهي، پاڪستان جو مستقبل نوجوان ليڊر بلاول ڀٽو سان واڳيل آهي. اڳوڻي صوبائي وزير چيو ته ملڪ جي معاشي خوشحالي ۽ غربت توڙي بيروزگاريءَ جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، اقتدار ۾ اچي هو نوجوانن کي روزگار ڏيندا..
