- Advertisement -
سن ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ، مزدا ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 28 کان ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ چيف سيڪريٽري سيد آصف شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
انڊس هاءِ وي تي ربنواز هوٽل وٽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو سامهون ايندڙ آئل ٽينڪر ۽ مزدا سان ٽڪر ٿي پيو.
شروعاتي رپورٽ موجب، حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 28 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ۽ آئل ٽينڪر سيوهڻ طرف وڃي رهيو هو.
ايس ايس پي موجب، حادثي جي اطلاع تي پوليس فوري طور تي پهچي سمورن زخمين کي سيوهڻ، مانجهند، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.
زخمين ۾ لاڙڪاڻي واسي فيصل راجپوت، ظهير ابڙو، سيد محمد شاهه، شبانه ٻگھيو، نينگري دعا بتول ٻگھيو عظمى بروهي، مهتاب ڪلهوڙو، علي گوهر چانڊيو، منظور چانڊيو، صاحب خان چانڊيو، غلام الله، راجا، احسن گاڏهي، سجاد جوڻيجو، وقار ڪلهوڙو، زاهد انڙ، واجد انڙ، طبيه راجپوت، ياسين راجپوت، جنت چانڊيو، امتياز انڙ، ڪي اين شاهه واسي ياسين ڪلهوڙو، ڪراچي واسي سيد محمد شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ چيف سيڪريٽري سيد آصف شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين جي فوري طور طبي امداد ڏني وڃي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، ته جيئن ٻيهر اهڙا حادثا نه ٿين…….- Advertisement -
