- Advertisement -
سن ڀرسان تيز رفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا.
شالماڻي اسٽاپ وٽ انڊس هاءِ وي مسافر کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي
حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، حادثي واري هنڌ زخمي ڪافي دير تائين تڙپندا رهيا.
اطلاع تي موٽر وي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي ڪجهه زخمي کي لمس ڄامشوري منتقل ڪيو ويو.
زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن ڪري فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
