تازه ترين

سوشل ميڊيا تي گلگت بلتستان ۾ فوج مقرر ڪرڻ جا افواهه بي بنياد آهن: مرتضيٰ سولنگي

وفاقي سرڪار  گلگت بلتستان ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي گلگت بلتستان ۾ فوج مقرر ڪرڻ جا افواهه بي بنياد آهن، علائقي ۾ روڊ، واپاري مرڪز ۽ تعليمي ادارا موڪليل طور کليل آهن.

هڪ بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته  گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري بابت افواهه بي بنياد آهن.

هن چيو ته پاڪ فوج جون خدمتون امام حسين جي چاليهي جي سلسلي ۾ طلب ڪيون ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ سمورا روڊ، واپاري مرڪز، تعليمي ادارا معمول موجب کليل آهن.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته رڳو چاليهي جي سڪيورٽي ۽ صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهرو وزارت گلگت بلتستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون