تازه ترين

سول جج جي عدالت ۾ نصير آباد ۽ وارهه تعلقن جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٻڌڻي

نصيرآباد جي عدالت پاڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران لاڳيتو ڪوتاهيون ڪرڻ ۽ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ تي آبپاشي کاتي جي ملازم کي 2 ڪلاڪ هٿڪڙيون هڻائي ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو.

سول جج جي عدالت ۾ نصير آباد ۽ وارهه تعلقن جي شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ٻڌڻي ٿي.

انجنيئر رائيس ڪينال فهيم سومرو ۽ ٻين جي وڪيلن پاران 30-30 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا عدالت ۾  جمع ڪرايا ويا.

وڪيل چيو ته 16 آگسٽ تائين نصير آباد ۽ وارهه تعلقن جي سمورين شاخن ۾ پاڻي پهچائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي. عدالت 16 آگسٽ تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ آبپاشي عملدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.4 ° C
14.4 °
14.4 °
45 %
1.9kmh
5 %
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
25 °
خميس
25 °
جمعو
25 °

تازه ترين خبرون