تازه ترين

سوناڪشي جي شادي جي خبرن تي بالي ووڊ اداڪار شتروگهن سنها ردعمل سامهون اچي ويو

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ۽ سياستدان شتروگهن سنها پنهنجي ڌيءَ سوناڪشي جي شادي جي خبرن تي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته مون پنهنجي ڌيءَ جي شادي بابت ڪنهن سان به نه ڳالهايو، مان پاڻ به پنهنجي ڌيءَ جي شادي جو انتظار ڪري رهيو آهيان.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سوناڪشي سنها پنهنجي دوست ظهير اقبال سان هلندڙ مهيني جي 23 تاريخ تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي.

ان حوالي سان شتروگن سنها ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊ نتيجن جي اعلان کانپوءِ دهلي ۾ آهيان، ڌيءَ جي شادي جي حوالي سان ڪنهن سان به نه ڳالهايو آهي.

سوناڪشي جي شادي ٿي رهي آهي؟ جي جواب ۾ شتروگھن سنها چيو آهي ته سوناڪشي شادي نه ڪئي آهي ۽ مون کي به ايتري خبر آهي جيترو مون ميڊيا ۾ پڙهيو آهي پر جڏهن به جوڙو مون کي ۽ منهنجي زال کي شادي جي باري ۾ ٻڌائيندو ته اسان جون دعائون ساڻن گڏ هونديون.

اداڪار ۽ سياستدان شتروگهن سنها پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ وضاحت ڪندي چيو ته سوناڪشي بالغ آهي ۽ کيس پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو حق آهي، مون کي پڪ آهي ته هو غلط فيصلو نه ڪندي.

هن چيو ته جڏهن به منهنجي ڌيءَ جي شادي ٿيندي ته مان ڄڃ جي سامهون رقص ڪرڻ پسند ڪندس.

شتروگھن سنها وڌيڪ چيو ته مان به ڌيءُ جي شادي بابت اطلاع جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته منهنجا ويجها ماڻهو به مون کان پڇي رهيا آهن ته آئون پنهنجي ڌيءَ جي شادي کان ڇو بيخبر آهيان، جڏهن ته ميڊيا کي ان جي باري ۾ سڄي خبر آهي،

شتروگهن سنها چيو ته آئون صرف ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته اڄڪلهه جا ٻار شادي لاءِ والدين کان رضامندي جو ناهن پڇندا، بس رڳو آگاهه ڪري ڇڏيندا آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
40 %
4.4kmh
97 %
جمعو
28 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون