آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 450 رپين جي اضافي بعد ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 450 رپيا واڌ ٿي آهي.
سون جي في تولي جي نئين قيمت 2 لک 28 هزار 600 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 95 هزار 988 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي بازار جو سون جو ملهه 6 ڊالر واڌ کانپوءِ 2 هزار 160 ڊالر في اونس آهي، پاڪستان ۾ سون عالمي قيمت 20 ڊالر پريميم شامل ڪري 2 هزار 180 ڊالر في اونس آهي……..