تازه ترين

سويلينز جو ملٽري ٽرائل ڪيس: آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا ڪهڙا اختيار آهن؟ جسٽس جمال مندو خيل

سپريم ڪورٽ ۾ سولينز جي ملٽري ٽرائل ڪيس ۾ آئيني بئنچ جي جج جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آرمي ايڪٽ تحت فوجي عدالتن جا ڪهڙا اختيار آهن؟

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ  فوجي عدالتن ۾ سويلين جي فوجي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

سزا مليل مليل جوابدار ارزم جنيد جي وڪيل سلمان اڪرام راجا دليل ڏيندي چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ 1962ع جي آئين تحت فيصلو ٿيو،  چيو ويو ته سويلينز جو ٽرائل بنيادي حق پورا ڪرڻ تي ئي ممڪن آهي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ايف بي علي پاڻ به هڪ سويلين ئي هو، سندس ڪورٽ مارشل ڪيئن ٿيو؟

جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا ڪهڙا اختيار آهن؟  فوج کان ٻاهر جو شخص رڳو ڏوهه جو بنياد تي فوجي عدالت  جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو.

سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ آرمي ايڪٽ جي شق ٽو ڊي ون تي ڳالهه ٿي، چيو ويو ته صدارتي آرڊيننس آندو ويو، آرمي ايڪٽ درست آهي، اهو به چيو ويو ته بنيادي حقن تحت رويو ڪري سگهجي ٿو.

جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ايف بي علي ڪيس ۾ نيڪسز جي ڪهڙي تعريف ڪئي وئي؟  سلمان اڪرم راجا چيو ته هٿياربند فوج کي ڀڙڪائڻ ۽ ڏوهه جو تعلق ڊفينس آف پاڪستان بابت هئڻ کي نيڪسز قرار ڏنو ويو، ايف بي علي ڪيس اهڙي نموني پڙهيو ويو جو الڳ عدالت قائم ڪرڻ جي اجازت جو تاثر قائم ڪيو.

سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالت جسٽس عائشه جو آرٽيڪل 10 اي جو فيصلو برقرار رکي ٿي جيڪا سندن ڪاميابي آهي،جيڪڏهن اهو چيو ويندو آهي ته آرٽيڪل 175 جي شق ٽي کان ٻاهر عدالت قائم نه ٿي ڪري سگهجي تڏهن به سندن ڪاميابي آهي.

سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته برگيڊيئر رٽائرڊ ايف بي علي کي ضياءَ الحق ملٽري عدالت مان سزا ڏني پوءِ ساڳيو ضياءَ الحق آرمي چيف ٿيو ته سزا ختم ڪئي، ايف بي علي ڪئنيڊا منتقل ٿيڻ کانپوءِ ڪئنڊين فوج جو ميمبر بڻجي ويو.

جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ضياءَ الحق بعد ۾ سوچو هجي پهريون جيڪو ٿيو غلط ٿيو آهي،  جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ايئن ته ناهي جو ضياءَ الحق پوءِ ايف بي علي کان معافي طلب ڪئي؟

جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته 1962ع جو آئين درست هو، سلمان اڪرم راجا جواب ڏيندي چيو ته 1962ع جو آئين ته شروع ئي اتان ٿئي ٿو ته هو فيلڊ مارشل ايوب خان پاڻ اختيار ڏئي رهيو آهي.

جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته سندن قانون الڳ آهي، ڀارت جو قانون الڳ آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سويلين ۽ ملٽري پرسنز ٻئي پاڪستاني شهري آهن.

بئريسٽر سلمان اڪرم راجا چيو ته چيو ويندو آهي ته آرمي ايڪٽ ۾ سويلينز بابت شقون دهشتگردي لاءِ آهن،  اصل ۾ شقون حڪومت پنهنجي مخالفن تي هڻي رهي آهي، مٿس ڪيس آهي ته 26 نومبر تي ٽن رينجرز اهلڪارن کي قتل ڪيو، الزام هنيو ويو آهي ته هن ئي رٿا بندي ڪئي،  کيس چيو پيو وڃي ته  عدالتن ۽ ٽي وي تي ڳالهائڻ بند ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون