تازه ترين

سياسي بحران جو ذميوار وزيراعظم نه پر عدليه آهي؛ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي بحران جو ذميوار وزيراعظم نه پر عدليه آهي، ارشد نديم وانگر ملڪي عدليه به ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيا آهن، عدليه ڊيم ٺاهڻ سميت سموسن ۽ ٽماٽن جا اگهه به مقرر ڪري سگهي ٿي، تحريڪ انصاف جيڪو نه گهريو اهو مليو جنهن جي آئين ۽ قانون ۾ ڪابه گنجائش ناهي، هڪ ادارو بار بار پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ادارن وچ ۾ فاصلا واضح طور نظر اچي رهيا آهن، ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، پاڪستاني عوام معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، امن امان جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندن سياسي ڪارڪن بنگلاديش جي حالتن کي غور سان ڏسي رهيا آهن، شاگردن جو احتجاج فوج ۾ شهيد جي ڪوٽا خلاف ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته ڪوٽا کي حسينه واجد ختم ڪيو پر عدالت بحال ڪري ڇڏيو، جنهن بعد صورتحال اتي پهتي ته حسينه واجد کٽڻ باوجود حڪومت ڇڏي هلي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ ادارو مسلسل پارليامينٽ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، جوڊيشري جي تاريخ سڀني جي سامهون آهي، ارشد نديم جيان جوڊيشري به رڪارڊ ٽوڙيا آهن، جوڊيشري پنهنجي ڪم سان گڏ ڊيم به ٺاهي سگهي ٿي. هن چيو ته جوڊيشري انصاف سان گڏ مهانگائي جو خاتمو، ڊيم، سموسن ۽ ٽماٽن جا ريٽ طئي ڪري ڇڏيندي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي انصاف لاءِ کيڻ وڙهڻو پيو، آخرڪار 2024ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ان حد تائين انصاف ڏنو ته غلط ٿيو، فيئر ٽرائل ناهي مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن ڊيم، سموسن ۽ ٽماٽن جي ڳالهه اچي ٿي ته آئين ۽ قانون ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو؟، ملڪ جي موجوده بحران جو ذميوار وزيراعظم، اوهان، هو يا ڪو ٻيو ناهي رڳو عدالت ئي سبب هئي، اهو ئي سبب هو ۽ اهو ئي سبب آهي، اوهان کان بيٽ جو نشان ڇا هنن کسيو هو يا حڪومت کسيو هو؟. پ پ چيئرمين چيو ته هڪ مري ويل سياسي پارٽي کي ان وقت اهڙو فائدو ڏنو ويو ته سموري پارٽي سرگرم ٿي وئي، اليڪشن جي آخري وقت ۾ فيصلو وٺڻ سان سياسي اثر به هئا، جيڪو هنن گهريو ئي نه، آئين ۽ قانون ۾ گنجائش به نه هئي اهو ڏنو ويو، اوهان تحريڪ انصاف کي ائين سيٽون ڏيو ٿا جيئن ڪا ٽافي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، اڄ نفرت ۽ ورهاست جي سياست نظر اچي رهي آهي، معاشي ۽ دهشتگردي جهڙن مسئلن تي هڪٻئي سان گڏ ڳالهيون ڪرڻ جو حوصلو رکو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
31 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون