جي ڊي اي اڳواڻ معظم خان عباسي چيو آهي ته سياسي پليٽ فارم تي کين جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، اهو ناهن ڪري سگهيا، سنڌ جا ماڻهو سندن ڏانهن متبادل طور ڏسي رهيا آهن پير سائين پاڳارو اقتدار ڇڏي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي.
هن اهڙو اظهار پيرڳوٺ ۾ حر فري ايمبولينس سروس جو افتتاح ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
معظم خان عباسي 26 آئيني ترميم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اها ترميم صرف عدالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي .
سنڌ مان 6 ڪينال ٺاهڻ جي حوالي سان معظم عباسي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن بابت بل پيش ڪرائڻ ۽ عمل ڪرائڻ جو ذميوار صرف صدر آصف علي زرداري آهي ڇو ته اهو ئي هن وقت ملڪ جون واڳون سنڀالي ويٺو آهي.
ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ غلام شبير گهمرو ، عبدالغفار ميمڻ سيد مشرف شاھ راشدي، نديم حيدر چنا، عبدالخالق چوهاڻ ۽ ٻيا موجود هئا…