هيڊ مرال ٿاڻي جي حد شاديوال ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار اصغر علي پنهنجي وڏي ڀاءُ عابد حسين کي گوليون هڻي قتل ڪيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
عابد حسين جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار اصغر علي پنهنجي وڏي ڀاءُ عابد حسين کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
